شيران والا مندر ڪراچي

شيران والا مندر، ڪراچي: هي مندر لياريءَ جي مٺي در واري علائقي ۾ ڪڪري گرائونڊ جي سامهون هڪ گهٽي ’گائو گلي‘ ۾ آهي. ڪڪري ميدان جي سامهون کان ۽ ڪاغذي بازار کان هڪ رستو هن مندر ڏانهن وڃي ٿو. پٿر جي خوبصورت اها ٻه ماڙ عمارت بند پيل آهي فرش تي خوبصورت ايراني ٽائيلس جو ڪم ٿيل آهي، ڪاٺ جا دروازا اڃا سلامت آهن. اڳ ۾ مندر جي مکيه دروازي تي 2 وڏا شينهن جا پٿريلا مجسما لڳل هئا. ان مندر کي ’شيران والا‘ مندر ڪوٺيو ويندو هو. روايتن موجب اهي پٿر جا مجسما ڪن آفيسرن اتان ڪڍي وڪڻي ڇڏيا. هن جي ڀرپاسي جي ريڙهي وارن مندر کي ڪٻاڙخانو بنائي ڇڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو